ڀوڄ پتر وڻ

ڀوڄ پتر وڻ

ڀوج پتر

ڀوج پتر: هن وڻ کي انگريزي ۾ Jacquiemont، لاطينيءَ ۾ Betulla Bhoja Patra، فارسيءَ ۾ توزڪ، سنسڪرت ۾ ڀوج پتر ۽ بنگاليءَ ۾ ڀوجي پتر چيو ويندو آهي. هن وڻ جو تعلق پوج پتري Betulaceae آڪهه سان آهي.
هي جابلو وڻ آهي. جيڪو 15 کان 20 ميٽر ڊگھو هوندو آهي. هن جي کل ابرڪ وانگر پرت دار هوندي آهي. ايتري تائين جو ٿلهو ڪاغذ محسوس ٿيندو آهي. هندو پنڊت ڀوڄ پتر تي تعويذ لکندا آهن. انهيءَ جو نقل ڪندي، هاڻ مسلمانن به انهيءَ پن تي تعويذ لکڻ شروع ڪيا آهن. پنسارين کان هي پن گھڻو ڪري اهڙي قسم جا ماڻهو ئي وٺڻ ايندا آهن. هن وڻ جا پن ڊگھا ڪٽيل هوندا آهن. هي وڻ هماليه ڪشمير، سڪم، ڀوٽان ۽ پاڪستان ۾ جام ٿئي ٿو.


لفظ ڀوج پترھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو